SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


نراج واد يا انتشاريت


بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:


نراج واد يا انتشاريت

Anarchism

انارڪزم

هڪ سياسي عقيدو يا نظريو، جنهن مطابق سماج کي ڪنهن به حڪومت ۽ قانون جي ضرورت ناهي ۽ ڪابه حڪومت ”جائز“ نٿي سڏي سگهجي. ان عقيدي يا نظريي ۾ رياست جو تصور به اهميت نٿو رکي. ڇاڪاڻ جو رياست فوج، پوليس، قانون ۽ جيلن وغيره وسيلي فرد مٿان پنهنجي مرضي مڙهي ٿي. جديد سياسي تاريخ ۾ ”نراجواد“ جو سڀ کان وڏو پرچارڪ ”جوزف پروڌان“ آهي، جنهن پنهنجي فڪر ۾ سماج جو ڪاروهنوار آئين ۽ حڪومت بنا هلائڻ جي صلاح ڏني ۽ چيو ته سماج ۾ انصاف ۽ مساوات تڏهن ممڪن ٿيندا، جڏهن رياست ۽ ماڻهن جي ڪنهن خاص گروهه جي حڪمرانيءَ جو خاتمو ايندو. پروڌان کانسواءِ ناميارا ڏاها ”وليم گوڊون“ ”باڪونن“۽ ”ڪروپاٽڪن“ پڻ هن نظريي جا حمايتي رهيا آهن. هيءُ سياسي نظريو، فرد جي انفرادي آزاديءَ کي گڏيل ڀلائيءَ جي سوچ تي ترجيح ڏي ٿو. هيءُ نظريو هزارين سال قديم آهي، چين جي لائوزي کان وٺي فرانس جي فلاد سافرياڪ روسو تائين بيشمار عالمن، انساني تاريخ ۾ هن نظريي جي مُختلف تصورن سان حمايت ڪئي آهي. ڏيهان ڏيهي ناتن ۾ نراج واد گهڻو تڻو انتشار ۽ لاقانونيت کي هٿي وٺرائيندي، تمام ڳنڀير قسم جي گهوٽالن کي جنم ڏئي ٿو. هن مهل دنيا ۾ ڪابه رياست انهيءَ متي مطابق وجود نٿي رکي


Remember Me Also:

د رمياني

ظرف. وچون ، وچ وارو ، مُتَوسط ، اندروني.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal